اسلام آبادپاڪستان

ٽي ايل پي سان معاهدو ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون ايندو:شيخ رشيد

اسلام آباد:وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڌرڻي جو اصل وقت تڏهن هو جڏهن فضل الرحمان پهريون ڀيرو اسلام آباد آيو هو. هاڻي هي ڌرڻو هڻندا ته خوار ٿيندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن کان شڪايت آهي ته هنن جلسي جلوسن ۾ دير ڪئي، 6 مهينا ته هنن کي وارم اپ ۾ لڳندا. شيخ رشيد چيو ته منهنجي پارٽي عمران خان سان گڏ آهي. شهباز شريف جو نالو اڳ ئي اي سي ايل ۾ آهي، ٻيو ڪيس به موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ نالو به اي سي ايل ۾ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته مان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حق ۾ آهيان، ٽي ايل پي سان معاهدو ٿي ويو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button