پاڪستانسنڌ

ڄام مدد هڪ بهترين ۽ سينيئر سياستدان هو:وڏو وزير

سنجهورو: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڄام نواز علي ۾ مرحوم ايم پي اي ڄام مدد علي جي پهرين ورسي ۽ سندس فرزند نواب ڄام ظهير علي خان جي پڳداري رسم ۾ شرڪت ڪئي ۽ سياست توڙي سماجي ڪمن تي ڄام مدد علي خان کي ساراهيو ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ورسي دوران ڳالهائيندي مراد شاهه چيو ته ڄام مدد علي ملڪ جو هڪ بهترين ۽ سينيئر سياستدان هو، جن جي وفات سان ملڪي سياست ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ورهين تائين ڀرجي نه سگهبو. هن چيو ته ڄام مدد علي پ پ جو سچو ڪارڪن هو ۽ اميد آهي ته سندس خاندان سندس ئي نقش قدم تي هلندي عوامي خدمت کي ترجيح ڏيندو. هن چيو ته ڄام خاندان جون سياسي خدمتون ڪنهن ڳجھيون ناهن، ضلعي سانگهڙ ۽ سنڌ جي عوام جي خدمت لاءِ ڄام خاندان هميشه پاڻ ملهايو آهي. ان کان اڳ نواب ڄام ظهير علي خان جي پڳداري رسم جي شروعات شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي قائم مقام شجاده نشين سيد کهاور حسين شاهه لطيف پهريون ور ڏئي ڪئي، ٻيو ور نواب ڄام ذوالفقار علي خان، ٽيون ور نواب ڄام حيدر علي خان ۽ پڳ جو ڇوٿون ور ڄام نور علي خان ڏنو. ان کانسوا مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ چڱن مڙسن ڏنا. ان موقعي تي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان، احمد علي پتافي، صوبائي صلاحڪار جاويد ناياب لغاري، ايم اين اي نويد ڏيرو، عثمان عالماڻي، بهرام خان چانڊيو، ڄام نفيس علي خان، ڄام شبير علي خان، ڄام فاروق علي خان، ڄام قائم علي، علي حسن هنڱورجو، فيصل وساڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button