پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڌمڪيون ملڻ خلاف ماتلي جي ڪٽنب جو احتجاج

ميرپورخاص: تعلقي ماتلي جي ڳوٺ چوڌري ستار جي رهواسي ڳوٺاڻي گجو ڪولھي پنھنجي نياڻي يشوڌا ۽ گھرواري سان گڏ بااثرن جي زيادتين خلاف ميرپورخاص پھچي احتجاج ڪيو. هن صحافين اڳيان دانھيندي چيو تھ نياڻي يشوڌا جي شادي عالم ڪولھي سان ٿيل آھي، ڪجهه ڏينھن اڳ ناٺي عالم ڪولھي ھڪ پرڻيل عورت ورزو ڪولھي کي ورغلائي کڻي ويو آھي، جنھن بعد ورزو ڪولھي جي مڙس موھن ۽ سندس مائٽن پاران منھنجي نياڻي کي اغوا ڪرڻ سميت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ملي رھيون آھن، جنھن ڪري اسان سخت خوف ۾ مبتلا ٿي دربدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور آھيون. ھن چيو ته عالم ڪولھي منھنجي نياڻي کي بھ دوکو ڏنو آھي. متاثر ڪٽنب اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ بااثرن جي ڌمڪين جو نوٽيس وٺي ڪاريوائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button