پاڪستانسنڌ

پشاور سانحو، شهيدن ۽ زخمين کي سنڌ حڪومت به معاوضو ڏيندي

پشاور پوليس لائينز ڌماڪي جي شهيدن ۽ زخمين لا سنڌ حڪومت به معاوضن جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پشاور پهچي ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪيو. مراد علي شاهه پوليس لائينز مسجد اندر ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن ۽ شهرين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير پاران شهيدن جي وارثن لاءِ 10 لک ۽ زخمين لاءِ 5 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير پشاور ڌماڪي جي شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر پڻ چاڙهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button