پاڪستانپنجاب

عمران خان جي ڪاري دور ۾ ڀائرن ۽ دوستن کي به هڪٻئي سان وڙهايو ويو:مريم نواز

نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾ ڀاءَ کي ڀاءُ سان، دوستن ۽ خاندانن کي هڪٻئي سان وڙهايو ويو، ذهني مريض شخص وزير اعظم جي ڪرسي تي ويهي ڪري ڪوڙ، گارين ۽ گولي کي قومي ڪلچر بڻائي ڇڏيو، پڙهيل لکيل ۽ مهذب نوجوانن کي سوشل ميڊيا کي گندگي کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ نواز ليگ جي سوشل ميڊيا ٽيم سان گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مسلم ليگ (ن) جو قائد نوازشريف ۽ پارٽي شرافت، برداشت ۽ اخلاقي قدرن تي يقين رکي ٿي. گذريل ڪاري دور ۾ ڪارڪنن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، جيڪا فخر جهڙي ڳالهه آهي، حقيقتن ۽ سچائي کي هٿي وٺرائي ڪوڙن کي آئينو ڏيکاريو وڃي. هن چيو ته عمران خان جي گذريل چئن سالن جي ڪاري دور ۾ گهرن اندر جهيڙا ڪرايا ويا، آئون اهو ضرور چونديس ته اختلاف رکندڙ کي پنهنجو دشمن نه سمجهيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button