پاڪستان

عمران خان ضمني چونڊون وڙهڻ تان ئي هٿ کڻي ويو، اڳوڻن ميمبرن کي بيهارڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي جي 33 خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪندي پنهنجي پارٽي جي اڳوڻن ميمبرن کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اُن کان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خالي ٿيل سمورن تڪن تي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو. ذريعن موجب عمران خان موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ بابت پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ورتو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي حڪمت عملي اِن ڪري تبديل ڪئي آهي ته جيئن اڳوڻن ميمبرن ۾ بيچيني پيدا نه ٿئي ۽ پارٽي ۾ ڊسيپلين برقرار رهي. پارٽي ذريعن موجب چيئرمين عمران خان ڪنهن به ضمني چونڊ ۾ سمورين سيٽن تان حصو نه وٺندو، ان جي بدران هر سيٽ تي تحريڪ انصاف پنهنجو اميدوار بيهاريندي ته جيئن ڪاميابي جي صورت ۾ قومي اسيمبلي ۾ واپسي ممڪن ٿي سگهي. ذريعن موجب عمران خان ننڍي چونڊ جي سيٽن تان آئوٽ ٿيڻ جو فيصلو پارٽي ۾ اندروني طور ٿيل تنقيد بعد ڪيو آهي، تحريڪ انصاف جي اڪثر اڳواڻن تنقيد ڪندي اعتراض اٿاريو ته جيڪڏهن ضمني چونڊن جي سمورين سيٽن تي اڪيلو عمران خان ڪامياب ٿيو ته ان سان قومي اسيمبلي ۾ واپسي ممڪن ئي ناهي. ذريعن موجب پارٽي اڳواڻن تنقيد ڪندي اهو پڻ چيو ته ٻن ماڻهن جي چوڻ تي اسيمبلي ٽوڙي وئي ۽ سڀ ٻاهر هليا ويا، هاڻي اسيمبلي ۾ واپسي لا تڪن ۾ اميدوار بيهارڻ ضروري آهي، اسيمبلي ۾ واپسي جي صورت ۾ ئي حڪومت کي مرضي جو نگران سيٽ ٺاهڻ کان روڪي سگهجي ٿو، تحريڪ انصاف مرڪز ۾ نگران سيٽ اپ کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ آڻڻ چاهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button