پاڪستان

وزيراعظم جي دعوت رد، تحريڪ انصاف اي پي سي ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف قومي اشوز تي ڳالهين لا وزيراعظم طرفان ڏنل دعوت نامو رد ڪندي 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندو. اسان جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اهڙن ماڻهن سان گڏ ڪيئن ٿا ويهي سگهون، اڄوڪي عدالتي ڪارروائي مان واضح ٿي ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي اليڪشن اپريل جي ٻئي هفتي ۾ ٿيندي، پي ٽي آءِ جا سمورا اميدوار اليڪشن جي تياري ڪن. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو آهي ته ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ شرڪت بابت پارٽي اندر صلاح مشورو ڪنداسين، مشاورت ان ڳالهه تي ٿيندي ته اي پي سي جي ايجنڊا ڇا آهي، هڪ پاسي ڳالهين جي دعوت پيا ڏين ته ٻئي پاسي سياسي انتقام پيا وٺن ۽ گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، هنن جي هٿن مان شيون ايڏيون نڪري چڪيون آهن جو هاڻي اسان سان رابطو ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button