پاڪستانخيبرپختونخوا

ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس، دهشتگردن خلاف آپريشن ۽ افغانستان سان ڳالهائڻ جو فيصلو

وزيراعظم جي صدارت هيٺ پشاور ۾ ٿيل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف افغانستان سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سياسي ۽ عسڪري قيادت نيڪٽا، پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي اپگريڊ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪري ورتو، پوليس لائينز ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن کي 20-20 لک ۽ زخمين کي 5-5 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو. تفصيل موجب گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي معاملي تي پاڙيسري ملڪ افغانستان جي حڪومت سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، دهشتگردي جو متحد ٿي مقابلو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ ڪيل فيصلا 7 فيبروري تي سڏايل اي پي سي ۾ پيش ڪيا ويندا. لڳ ڀڳ 7 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آ ايس آ امن امان جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير، اتحادي پارٽين جا سياسي اڳواڻ، حڪومتي عهديدار ۽ سيڪيورٽي عملدار شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته هڪ پارٽي جو ليڊر دهشتگردن کي آباد ڪرڻ لا اڳتي وڌي رهيو آهي پر پنهنجن سان هٿ ملائڻ لا به تيار ناهي، اهو ٻٽو معيار نه هلندو، دهشتگردن جو پختونخوا ۾ هڪ انچ تي به قبضو ناهي، هو رڳو هيڏانهن هوڏانهن گهمندا ڦرندا آهن، دهشتگردن کي هتي ڪنهن آندو ۽ ڪهڙي ريت آيا؟ قوم کي ان جو جواب گهرجي، هن چيو ته اسان کي هر طرح جا اختلاف هڪ پاسي تي رکڻا پوندا، هڪٻئي سان اختلاف وساري گڏجي قوم کي متحد ڪرڻو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي، مون 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ان ليڊر کي به مدعو ڪيو آهي جيڪو مون سان هٿ به ملائڻ پسند نٿو ڪري اميد آهي ته ناڪاري جواب نه ايندو، وزيراعظم چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گذريل 13 سالن ۾ خيبر پختونخوا ۾ 417 ارب رپيا ڏنا ويا، اهي ڪٿي خرچ ڪيا ويا، ان جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي، دهشتگردي جي ٻيهر ڪر کڻڻ تي قوم سوال ڪري رهي آهي، قوم پڇي ٿي ته پشاور سانحو ڪيئن پيش آيو؟ هڪ دهشتگرد چيڪ پوسٽ پار ڪري پوليس لائينز ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟ سيڪيورٽي جي ڪوتاهي افسوسناڪ آهي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهن پشاور ڌماڪي کي ڊرون حملو چئي انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو نامناسب هو، دهشتگرديءَ کي چٿڻ لاءِ وقت ضايع ڪرڻ بدران اڳتي وڌڻو پوندو، دهشتگردي جي واقعي بعد طعنا ملن ٿا ته وفاق سهڪار نٿو ڪري، وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ پوليس کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ تعاون ڪندي. وزيراعظم پشاور سانحي جي شهيدن جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وفاقي حڪومت پاران مارجي ويلن جي پونئيرن لاءِ 20 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ 5 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي جي واقعن جو هڪ تازو سلسلو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن پشاور واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي مذمت ڪندي ان کي بي بنياد قرار ڏنو. شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي جي واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ دهشتگردي تي ضابطو آندو ويو هو، قوم سوال ڪري رهي آهي ته دهشتگردي ٻيهر ڇو ڪَر کڻي رهي آهي؟ سڄي پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، وقت جي ضرورت آهي ته سياسي، مذهبي اڳواڻ ۽ قومي ادارا دهشتگردي خلاف متحد ٿين، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سان سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙن آپريشنز ۾ عظيم قربانيون ڏنيون ويون. پاڪستاني فوج دليري ۽ بهادري سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون. قوم انهن جي قربانين کي سنهري لفظن ۾ ياد رکندي. هن چيو ته هر ڪنهن کي پنهنجي ذميواري بابت ڳالهه ڪرڻي پوندي، ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي، اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گذريل 13 سالن ۾ خيبرپختونخوا ۾ 417 ارب رپيا ڏنا ويا، اهي ڪٿي خرچ ڪيا ويا، خيبرپختونخوا کي دهشتگردي روڪٿام لاءِ ملندڙ 417 ارب رپين جي اڌ رقم به خرچ ٿئي ها ته صوبي جو عوام اڄ سڪون جي ننڊ سمهي ها، وفاق جي ذميواري آهي ته صوبن کي وسيلا مهيا ڪري، ملڪ هن وقت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي، تنهن هوندي به وفاق چئني صوبن ۾ سي ٽي ڊي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندو. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي اتحاد ضروري آهي. وقت جي گهرج آهي ته سڀئي مذهبي ۽ سياسي پارٽيون متحد ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button