پاڪستانسنڌ

برطرف ڪيل 336 ويڪسينيٽرز جي بحالي لا مظاهرا

ميرپورخاص/ ڊگهڙي: 336 ويڪسينيٽرز کي برطرف ڪرڻ خلاف ميرپورخاص ۽ ڊگهڙي ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ ويڪسينيٽرز ويلفيئر ايسوسيئشن پاران مطالبن جي مڃتا لا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھري ۾ سوين ليڊي ھيلٿ ورڪرز به شرڪت ڪئي ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي نواب الدين، محمد اسلم ۽ گھنشام چيو ته ھن ملڪ ۾ ٻه قانون آھن، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سميت بلوچستان جي ويڪسينيٽرز کي بحال ڪري اپ گريڊ ڪيو ويو آھي، پر سنڌ جي ويڪسينيٽرز سان ناانصافيون جاري آھن، اسان جي اين ٽي ايس پاس 336 ويڪسينيٽرز کي ڪڍيو ويو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته 336 ويڪسينيٽرز کي بحال ڪري ٻين ملازمن کي اپ گريڊ ڪيو وڃي. نه ته خارش جي مھم جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏھڙتال ڪئي ويندي. هوڏانهن ڊگهڙي ۾ آل ليڊي هيلٿ ورڪر يونين پاران ويڪسينٽرن جي حق ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي آل ليڊي هيلٿ ورڪر يونين جي اڳواڻن صغرى خاصخيلي، بچان دايو، عصمه آرائين، توحيد ڪوثر ۽ ٻين چيو ته سنڌ جا ويڪسينيٽر مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، سنڌ سرڪار 336 ويڪسينيٽرن کي بحال ڪري سموريون سهولتون فراهم ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button