اسلام آبادپاڪستان

بلوچن جون زندگيون بهتر بڻائڻ لاءِ غير روايتي حل ڳولڻا پوندا:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان ڏکڻ بلوچستان جي ترقي لاءِ ترقياتي پئڪيج جي 655 ارب رپين جي 200 ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ لاءِ هر مهيني ايپڪس ڪميٽي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ايگزيڪيوشن ڪميٽي جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان جا مسئلا ملڪ جي ٻين حصن کان مختلف آهن ڇو ته ان جي آبادي وکريل آهي ۽ ڊگهي فاصلن جي ڪري اسان کي بلوچستان جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ غيرروايتي حل ڳولڻا پوندا. وزيراعظم اها ڳالهه ڏکڻ بلوچستان ترقياتي پئڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي سستي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي سربراهي ۾ قائم ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هڪ سال ۾ ايپڪس ڪميٽي جو رڳو هڪ اجلاس ٿيو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تربت ايئرپورٽ سان گڏوگڏ گوادر ۽ تربت ۾ 2 نرسنگ ڪاليجز جلد کان جلد تعمير ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هو ذاتي طور تي هر مهيني جائزه ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ غيرروايتي حل ڳولڻا پوندا. هن منصوبابندي واري وزارت، توانائي واري وزارت، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ بلوچستان حڪومت کي هدايت ڪئي ته پئڪيج تحت ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button