پاڪستانسنڌ

شاهپور چاڪر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ٽائر ساڙي ڌرڻو

شاهپور چاڪر: شاهپور چاڪر ۾ سدا واهه ۽ ڄام واهه جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن حاڪم ڏاهري، غلام حسين ڏاهري، منصور زرداري، اسحاق زرداري، لائق مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سدا واهه موري تي ٽائرن کي باهيون ڏئي مين نوابشاهه، سانگهڙ ۽ شهدادپور روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ آبپاشي عملدارن خلاف زبردست نعريبازي ڪئي. احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ايريگيشن عملو منڍ جي بااثر زميندارن کان ڳري رشوت وٺي اسان مسڪينن جي زمين سڪائي رهيو آهي، گذريل ڦٽين جو فصل اسان کڻي نه سگهياسين، مٿان وري ڪڻڪ لا زمين تي هزارين رپيا خرچ ڪري هَرَ ڪڍائي ويٺا آهيون، پر وقت گذرڻ بعد به پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري ننڍا آبادگار هزارين ايڪڙن تي بيٺل پاڻي جي اوسيئڙي ۾ فصل جي پوکائي لا واجهائي رهيا آهن، سدائين اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي، جنهن جي ڪري گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، ڪيترائي ڀيرا اعليٰ عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن، پر اسان جي ڪير ٻڌڻ لا تيار ناهي. روڊ بلاڪ هجڻ سبب ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. هڪ ڪلاڪ بعد ايس ايڇ او شاهپور چاڪر اشرف علي زرداري مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button