پاڪستانخيبرپختونخوا

پشاور سانحو، آپگهاتي بمبار کي سهولتڪار اسڪوٽر ذريعي پهچايو، تصويرون سامهون اچي ويون

پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد جون وڌيڪ ڪجهه تصويرون منظرعام تي اچي ويون آهن، جنهن ۾ بمبار شهر جي رنگ روڊ تي هڪ سهولتڪار سان گڏ موٽر سائيڪل تي ويٺل نظر اچي رهيو آهي. خبر موجب پشاور ڌماڪي ڪيس ۾ جاچ دوران سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. جاچ ٽيم موجب آپگهاتي بمبار ڌماڪي لاءِ اڪيلو نه آيو پر کيس هدف تائين سهولتڪار پهچايو ۽ اُهو رنگ روڊ تائين بمبار سان گڏ ئي موٽرسائيڪل تي سوار هو. جاچ ٽيم مطابق سهولتڪار موٽرسائيڪل هلائي رنگ روڊ تائين آيو جڏهن آپگهاتي بمبار پويان ويٺو هو، بعد ۾ هو رنگ روڊ تي لهي ويو هو. جاچ ٽيم سهولتڪار جا فوٽيج به حاصل ڪيا آهن جنهن بعد سندس ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button