پاڪستانپنجاب

فضل الرحمان پي ڊي ايم کي ضمني چونڊون نه وڙهڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف کي ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو مشورو ڏيندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته عمران خان جي جلد نااهل ٿيڻ جي اميد آهي. مولانا فضل الرحمان لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف طرفان مانجهاندي جي ڏنل دعوت تي پهتو، ان موقعي تي سليمان شهباز ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف سان مولانا فضل الرحمان جي ٿيل ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن موجب پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي قومي اسيمبلي جي خالي سيٽن تي ايندڙ مهيني رٿيل ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته پي ڊي ايم کي ننڍي چونڊ ۾ پنهنجا اميدوار نه بيهارڻ گهرجن، امن امان ۽ معاشي صورتحال کي ڏسندي ئي اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏڻ گهرجي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ملاقات ۾ چيو ته سڀني پارٽين کي اليڪشن، معيشت ۽ ٻين قومي مسئلن تي گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ گهرجي، اسان ملڪ جي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لا ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي لهر تي تمام جلد ضابطو آڻينداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي وقت تخريبي سياست جو ناهي، اسان تعميري سياست تي يقين رکون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button