عالمي

ايران ۾ حجاب تي عمل لازمي، نئون قانون آڻڻ جو فيصلو

ايران ۾ بنا پردي جي گهر مان ٻاهر نڪرندڙ عورتن تي نين سزائن تحت ڏنڊ لڳائڻ ۽ سماجي خدمتن کان محروم رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران ۾ حجاب نه پائيندڙ عورتن کي گرفتار ڪرڻ بدران موبائيل فون تي ايس ايم ايس ذريعي اڳواٽ خبردار ڪيو ويندو، جيڪڏهن مئسيج موڪلڻ باوجود حڪم تي عمل نه ڪيو ويو ته اهڙين عورتن تي ڏنڊ لڳايو ويندو ۽ سندن سڃاڻپ ڪارڊ ضبط ڪري ڏنڊ جي ادائيگي تائين کين سمورين سماجي خدمتن کان محروم رکيو ويندو، يعني اهي حڪومت جي ڪنهن به بهبود واري پروگرام مان فائدو نه کڻي سگهنديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران ۾ تمام جلد هڪ قانون به متعارف ڪرايو ويندو، جنهن تحت عوامي هنڌن تي حجاب جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويندو ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ عورتن کي مانٽيرنگ واري نظام سان جوڙيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button