گهرو معاملن جي وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري، انهن کي ساڳين قيدخانن ۾ رکنداسين جتي اپوزيشن اڳواڻن کي رکيو ويو هو. ملتان ۾ نواز ليگ جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته عمران خان کي جيل ۾ کائڻ پيئڻ جي هر شي ڏينداسين پر اها هڪ شي نه ڏينداسين جنهن کانسواءِ عمران جو گذارو ممڪن ناهي. هن تحريڪ انصاف کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڀلي جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات ڪريو، اوهان جو علاج مان ڪندس، 25 مئي تي اوهان سان جيڪو ٿيو اهو ضرور ياد رکجو ۽ جيڪو 26 نومبر تي اوهان سان ٿيو اِهو به نه وسارجو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close