اسلام آبادپاڪستان

مارچ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان،نتيجا سي سي آئي جي منظوري کانپوءِ جاري ٿيندا

اسلام آباد (رپورٽ:عامر الياس راڻا) چيف شماريات ڊاڪٽر نعيم الظفر چيو آهي ته ستين آدمشماري پهريون ڀيرو ڪاغذ ۽ قلم جي استعمال کان سواءِ جديد ٽيڪنالاجي سان ڪئي ويندي. نتيجا گڏيل مفادن واري ڪائونسل کان منظوري کانپوءِ جاري ڪيا ويندا. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران پاڪستان جي شمارياتي ماهر ڊاڪٽر نعيم الظفر ۽ آدمشماري ڪميشن جي سربراهه محمد سرور گوندل چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ستين قومي آدمشماري ۽ گهر شماري 20 فيبروري تي شروع ٿيندي، جڏهن ته نئين آدمشماري پهرين مارچ کان شروع ٿيندي، پاڻمرادو رجسٽريشن 3 مارچ کان ٿيندي، پهرين مارچ کان پهرين اپريل تائين گهر گهر وڃي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي. 2 اپريل کان 20 اپريل تائين ڊيٽا کي حتمي شڪل ڏني ويندي، 30 اپريل تائين آدمشماري مڪمل ڪئي ويندي. ڳڻپ جا سمورا مرحلا مڪمل ڪيا ويندا. گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان منظوري کانپوءِ آدمشماري جي ڊيٽا کي عام ڪيو ويندو. چيف شماريات ڊاڪٽر نعيم الظفر چيو آهي ته آدمشماري رٿابندي ۽ قومي پاليسي سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، بنيادي مقصد ڊيٽا گڏ ڪرڻ آهي. 495 سپورٽ سروس سينٽر ٺاهيا ويا آهن. جڏهن ته 628 تعلقا آهن، ڊيٽا سينٽر کي اين ٽي سي کان ورتو ويندو. جڏهن ته اسپيڪور جو نقشو حاصل ڪيو ويو آهي. صوبن ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. پوليس جهڙا سڪيورٽي ادارا به مدد ڪندا. ڊاڪٽر نعيم الظفر واضح ڪيو ته هر ماڻهو کي ڳڻيو ويندو، 34 ارب رپيا خرچ ٿيندا، آدمشماري لاءِ هينئر تائين 10 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 24 ارب رپيا اڃا تائين خرچ ڪيا ويندا. نئين آدمشماري لاءِ آن لائن سسٽم تحت 15 ڏينهن اڳ ڪوڊ نمبر ڏنو ويندو، ڪوڊ نمبر حاصل ڪرڻ کانپوءِ مردم شماري جون ٽيمون لاڳاپيل شخص جي گهر وڃي ڪوڊ جي تصديق ڪنديون. ڊاڪٽر نعيم الظفر چيو ته آدمشماري جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري کانپوءِ نون تڪن تي چونڊون ڪرايون وينديون. سي سي آءِ کان منظوري نه ملڻ جي صورت ۾ پراڻين تڪبندين تحت چونڊون ڪرايون وينديون، 2017ع ۾ آدمشماري تي اعتراض هئا، نئين آدمشماري جي منظوري 13 جنوري 202ع تي ڏني وئي هئي. عمران خان ڪابينا اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين جي عمران خان جي حڪومت ۾ پلاننگ ڪميشن جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آدمشماري ڪافي هئي، ان ڪري هاڻي ڊجيٽل آدم شماري ڪرائي پئي وڃي. نئين آدمشماري تحت اسان کي اسپتالن، اسڪول، ڪاليجن، مسجدن ۽ ٻين انفرااسٽرڪچر سميت آبادي جي حوالي سان سموري معلومات تائين پهچ هوندي. نئين ڊجيٽل آدمشماري تحت 3 حفاظتي حصا هوندا، نئين مردم شماري لاءِ نادرا کان 13 ارب رپين جا سافٽ ويئر وار ۽ ٽيب تيار ڪيا ويا آهن، هڪ لک 26 هزار ٽيب تيار ڪيا ويا آهن، مردم شماري لاءِ تيار ڪيل ٽيب به انتهائي فول پروف ۽ محفوظ هوندا. ان کان اڳ نادرا وٽ صرف پيدائش، موت، رجسٽريشن، شادين جو ڊيٽا هوندو هو پر نئين مردم شماري کانپوءِ سمورو ڊيٽا اچي ويندو، هڪ لک 21 هزار ماڻهن کي تربيت ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button