پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي ڪا واهر نه ڪئي:ثمر حيدر جتوئي

سنڌڙي: سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي ڪا واهر نه ڪئي آهي، صوبائي سرڪار جا اعلان رڳو اعلان ئي رهيا، ڪنهن هڪ اعلان تي به عمل نه ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌڙي تعلقو برساتي پاڻي ۾ ٻڏو پيو آھي، پر سرڪار 6 مھينن کان پاڻي نيڪال ناھي ڪرائي سگهي، سنڌ سان هن وقت وڏي ويساهه گهاتي ڪئي پئي وڃي، ھارين سان ظلم ڪري بليڪ مارڪيٽنگ پيدا ڪئي وئي آھي. سنڌڙي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ملڪ قرضن جي سھاري تي ھلي رهيو آهي، غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي، اسان چاھيون ٿا ته ماڻھن کي شعور ملي، ماڻھو بيدار ٿين، ان لاءِ پوري سنڌ جا دورا پيا ڪريون پيا. ان موقعي تي سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳواڻ حاجي منور علي، عاشق سنڌي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button