پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ عورت مڙس کان ڪاوڙجي خودڪشي ڪري ڇڏي

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ سوناڻي جو وانڊيو ۾ هڪ ٻار جي ما 23 سالن جي پانچو زال هرجي ڪولهي جو گهر جي چوئنري ۾ ڦاهو کاڌل لاش مليو، وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ننگرپارڪر پوليس زوري لاش ننگرپارڪر اسپتال کڻائي آئي. وارثن ڊاڪٽرن کي چيو ته اسان لاش جي وڍ ٽڪ ڪرائڻ نٿا چاھيون، پر پوليس زوري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. پوليس ٻڌايو ته اسان کي ايس ايس پي جون ھدايتون آھن ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻنو آھي، خودڪشي ڪندڙ عورت مڙس کي چيو ته مائٽن ۾ شادي آھي، مون کي شادي تي وٺي ھل، مڙس چيو ته مون وٽ ڀاڙو ناھي، ڪٿان وٺي ھلان، جنھن تان عورت ناراض ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button