پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڪارروائي، ڏنڊ، هڪ ڊيلر گرفتار

میيرپورخاص: ميرپورخاص شهر ۾ زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جي عوامي شڪايتن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص ۽ مختيارڪار روينيو عملي سان ملي شھر جي مختلف زرعي ڀاڻ جي ڊيلرن جي دڪانن تي ڇاپا هنيا ۽ وڌيڪ اگھه وٺڻ جي الزام ھيٺ 6 کان وڌيڪ دڪاندارن مٿان ڏنڊ رکي موقعي تي وصول ڪيو، اي سي هڪ ڊيلر ڪشور ڪمار کي گرفتار ڪرائي دڪان سيل ڪرائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد حسن کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھر ۾ ڀاڻ جي مختلف ڊيلرن پاران سرڪاري اگهھ بدران بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪيو پيو وڃي. سونا اينگرو جو سرڪاري ريٽ 2540 آهي، پر دڪاندار 3200 سئو رپين ۾ وڪرو ڪن پيا، ان کانسواءِ امونيم نائيٽريٽ جو سرڪاري اگهه 1710 آهي، پر دڪاندار 2950 ۾ وڪرو ڪن پيا، ان ڪري ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي ڊيلرن کان ڏنڊ وصول ڪري ھڪ دڪان کي سيل ڪري ھڪ ڊيلر کي گرفتار ڪرايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button