پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي لڳ اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب 3 شاگرد زخمي

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهه هڙي جي ڳوٺ ڪامل جهيجو ۾ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جنهن سبب 3 شاگرد معمولي زخمي ٿي پيا. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت 1982ع ۾ تعمير ٿي هئي، جنهن بعد اسڪول جي مرمت ناهي ٿي، اسڪول زبون ٿي چڪو آهي. شڪايتن باوجود تعليم کاتي جا عملدار مرمت نٿا ڪرائين. چوديواري، پيئڻ جي پاڻي ۽ واش روم سميت ڪا به سهولت ناهي، اسڪول جي ڇت زبون هجڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا اڳ به چاپڙ ڪريا آھن. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته جلد اسڪول جي مرمت ڪرائي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button