اسلام آبادپاڪستان

صدر جو صوبائي اسيمبلين ۾ چونڊن لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط

اسلام آباد :صدر عارف علوي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلين جي چونڊن جي تاريخ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو. صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊ ايڪٽ 2017 موجب صوبائي اسيمبلين ۾ چونڊن جي تاريخ جو بنا دير اعلان ڪري. آئين جو آرٽيڪل 224 اسيمبليون ٽوڙڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ تي زور ڏئي ٿو. هن چيو ته آئين موجب چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو بنيادي ۽ لازمي فرض آهي. فرضن جي ادائيگي ۾ ناڪامي تي اليڪشن ڪميشن کي ئي آئين جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏنو ويندو. آئين ۽ چونڊ ايڪٽ جي سنگين ڀڃڪڙي کان بچيو وڃي، ٻنهي ٽوڙيل اسيمبلين ۾ بنا دير چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button