اسلام آبادپاڪستان

حسيب جوڻيجو جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي:سانا

واشنگٽن (پ ر)سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) طرفان سکر ۾ نوجوان سياسي ورڪر حسيب جوڻيجو جي اغوا ۽ قتل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. حسيب جو تعلق سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سان هو، اها پارٽي پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ آف پاڪستان ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهي. ان ڏس ۾ سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو، نائب صدر اصغر پٺاڻ، وائيس پريزيڊنٽ ڪينيڊا راهول ڀيماڻي ۽ جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي اجتماعي سزا ڏيڻ واري پاليسيءَ سبب عوام ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ وڌي رهي آهي. حسيب جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اغوا وارن واقعن جي تازي لهر سامهون آئي آهي، ڪراچي مان يو اي اي سنڌي ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ماجد حيدري جو تازو اغوا هڪ نئين مهم جو حصو آهي. جيڪا سنڌ ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. ماجد حيدري گڏيل عرب امارات ۾ پورهيو ڪري ٿو، مٿس ڪو به الزام ناهي يا ڪا به انڪوائري نه پئي هلي. هنن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان رياست سنڌي ۽ بلوچ ڪارڪنن کي شڪ جي بنياد تي اغوا ڪري رهي آهي، جن مان ڪيترن کي مهينن کان حراست ۾ رکيو ويو آهي. ڪافي نوجوانن جا تشدد ٿيل لاش روڊن تي هر سال اڇلايا وڃن ٿا، اهڙي رياست جو مثال ملڻ مشڪل آهي، جيڪا پنهنجي شهرين سان اهڙو سلوڪ ڪري. هنن انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ انهن متاثرن جي انصاف لاءِ آواز اٿاري. هنن حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته اهي غير قانوني اغوا ۽ عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button