پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف جي 43 ايم اين ايز جي استعيفائن جي منظوري معطل،هائيڪورٽ ضمني چونڊ روڪي ڇڏي

عدالت اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ جي 43 اڳوڻن ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو حڪم معطل ڪندي ضمني چونڊ روڪي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم درخواست تي شنوائي ڪئي. داخل درخواست ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌُر بڻايو ويو. درخواستگذار اسيمبلي ميمبرن رياض فتيانه، نصرالله خان، طاهر صادق سميت ٻين درخواست دائر ڪئي هئي. درخواستگذارن طرفان بئريسٽر علي ظفر عدالت کي ٻُڌايو ته اسيمبلي ميمبرن استعيفيٰ منظور ٿيڻ کان اڳ ئي واپس وٺي ڇڏيون هيون، استعيفيٰ واپس وٺڻ کانپوءِ اسپيڪر وٽ اختيار ناهي ته هو استعيفائون منظور ڪري. اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ قانون خلاف آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون استعيفائون سپريم ڪورٽ جي طئي ڪيل قانونن جي ابتڙ منظور ڪيون ويون. استعيفائون منظور ڪرڻ کان پهريان اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي گهرائي مؤقف نه پُڇيو. ميمبرن جي مرضيءَ کان سواءِ استعيفائون منظور ڪرڻ جو قدم غير آئيني آهي. عدالت قومي اسيمبلي جي ميمبرن طرفان استعيفائون منظور ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيندي حتمي فيصلي تائين منظور ڪيل سيٽن تي اليڪشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت دليل ٻُڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان 43 قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون منظور ڪيل استعيفائن جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. عدالت انهن تڪن ۾ ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم ڏيندي اليڪشن ڪميشن ٻين ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button