پاڪستانسنڌ

آئي ايم ايف کي پاڻي ۽ مهانگائي ۾ ٻڏل ماڻهن جو خيال ۽ مدد ڪرڻ گهرجي:بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي ادارن ۽ آءِ ايم ايف کان ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڻي ۽ مهانگائي ۾ ٻڏل عوام جي مدد ڪري انهن جو خيال رکيو وڃي. ڪراچي ۾ سنڌ ڊونرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته ناڻي واري وزير ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، اميد آهي ته ڳالهين جا سٺا نتيجا نڪرندا، اهو اسان جي معيشت لاءِ به ضروري آهي، آءِ ايم ايف کي ٻوڏ جي پاڻي ۽ مهانگائي ۾ ٻڏل ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ ٽارگيٽيڊ رليف ضرور هجڻ گهرجي، زراعت، توانائي ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ به رليف هجڻ کپي، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ نرمي ايندي. پرڏيهي وزير چيو ته جنيوا ڪانفرنس لا ماڻهن جو خيال هو ته اسان هٿين خالي اينداسين پر پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جي نتيجي ۾ اسان جيڪو به معاهدو ڪيو ان کان وڌيڪ مليو. هن چيو ته اسان کي گهرن جي اڏاوت لاءِ هڪ ڏهائي 5 بلين ڊالرن جي ضرورت آهي، جنهن مان عالمي بئنڪ 500 ملين ڊالر ڏنا آهن ۽ سنڌ حڪومت 250 ملين ڊالر ڏيڻ جو بندوبست ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به 250 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ صوبو 100 ڪلوميٽرن تائين ڊگهي ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويو هو، اها ٻوڏ قيامت کان اڳ قيامت هئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ذاتي طور تي تباهين جا منظر اچي ڏٺا ۽ دنيا کان مدد جي اپيل به ڪئي، ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت اسان لاءِ قيامت کان گهٽ نه هئي، اتحادي حڪومت ۽ پرڏيهي پاليسي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي جنيوا ڪانفرنس آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button