سنڌ

ٻوڏ متاثرن جي ڊٺل گهرن جي اڏاوت، سنڌ سرڪار 8 ضلعن ۾ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا

پرڏيهي وزير ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا، جنهن تحت گهرن جي اڏاوت لاءِ شروعاتي طور سنڌ جي 8 ضلعن ۾ فنڊ منتقل ٿي ويا آهن. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ رزيلينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي ڪمپيوٽر جو بٽڻ دٻائي فنڊ جاري ڪيا. هن ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻ سان گڏ کين مالڪاڻا حق ڏيڻ جو اعلان به ڪيو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان رڳو گهر ٺاهي نه ڏينداسين پر متاثرن کي مالڪاڻا حق به ڏئي رهيا آهيون، وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته گهرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا وڃن، سنڌ حڪومت اميرن ۽ غريبن وچ ۾ فرق ختم ڪرڻ چاهي ٿي، اها سنڌ حڪومت ۽ وڏي وزير جي محنت آهي جو جنيوا ڪانفرنس جي هڪ مهيني بعد هتي بيٺل آهيون، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ جيترا فنڊ گهريا، ان کان وڌيڪ مليا آهن، بحالي ۾ وقت لڳندو پر متاثرن کي مڪمل طور بحال ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. ڪانفرنس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو، سکر، دادو، حيدرآباد، ٺٽو، شهيد بينظيرآباد، عمرڪوٽ ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن ڏانهن فنڊ منتقل ٿي ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 21 لک کان وڌيڪ ڪچا ۽ پڪا گهر ڊهي پيا هئا، ٻوڏ متاثرن کي 75 هزار رپين جي پهرين قسط جاري ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button