پاڪستانعالمي

ترڪيا ۽ شام ۾ زلزلي سبب وڏي تباهي، فوتگيون ساڍا 11 هزار کان به وڌي ويون

ترڪيا ۽ شام ۾ تاريخ جي سڀ کان ڀيانڪ زلزلي هزارين گهر اجاڙي ڇڏيا آهن، سومر جي صبح جو آيل شديد لوڏن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ ساڍا 11 هزار تائين پهچي ويو، متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، شديد ٿڌ باوجود رضاڪار عمارتن جي ڍير هيٺان دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مصروف آهن، ترڪي جو صدر اردگان به زلزمي متاثر علائقن جي دوري تي پهچي ويو، جڏهن ته خوراڪ جي عالمي اداري خدشو ظاهر ڪيو آهي ته قيامت صغريٰ برپا ڪندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 30 لک کان به وڌي سگهي ٿو. ريسڪيو عملدارن ۽ مختلف عالمي ادارن جو چوڻ آهي ته 7 ڏهائي 9 جي شدت سان آيل زلزلي ترڪيا جي گهٽ ۾ گهٽ 10 شهرن ۽ شام ۾ 5 کان وڌيڪ شهرن ۾ وڏي تباهي مچائي آهي. هوڏانهن ترڪيا جي صدر رجب طيب اردگان زلزلي متاثر علائقن جي دوري دوران چيو ته خطائي جي علائقي ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب 9 هزار 57 ماڻهو فوت ٿيا آهن، هي زلزلي سبب سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل علائقو آهي، اسان لا هي اتحاد ۽ يڪجهتي جو وقت آهي، ايتري وڏي پئماني تي آيل تباهي لا اڳواٽ تياري ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. ٻئي طرف شام ۾ عرب ملڪن عراق، ايران، اردن، يو اي اي ۽ مصر مان امدادي سامان سان ڀريل جهاز پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. شام جي صدر بشار الاسد عالمي برادري سميت يورپي يونين کي به مدد جي اپيل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button