اسلام آبادپاڪستان

عمران کي اسيمبلي وڃڻو ناهي ته چونڊ ڇو وڙهي رهيو آهي:چيف جسٽس

اسلام آباد : چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن خلاف ڪيس جي درخواست گذار ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي طلب ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني خاص بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇو نه عمران خان کي سڏائي پڇيو وڃي ته اسيمبليءَ ۾ ناهي وڃڻو ته اليڪشن ڇو وڙهي رهيو آهي. چيف جسٽس عام چونڊن جو ذڪر ڪندي چيو ته مُلڪ ۾ سمورن مسئلن جو حل عوام جي فيصلي سان ئي ممڪن آهي. موجودا حڪومت کي قائم ٿئي اٺ مهينا گذري چڪا آهن، اليڪشن ڪميشن اسپيڪر رولنگ ڪيس ۾ چيو هو ته نومبر 2022ع ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته موجودا پارليامينٽ کي ڄاڻي واڻي اڻپورو رکيو ويو آهي ۽ پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قانونسازي تڪراري بڻجي رهي آهي. وفاقي حڪومت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عدالت آرٽيڪل 184 ٿري تي محتاط رهي، آرٽيڪل 184 ٿري تحت ڪنهن به درخواست تي قانونسازي ڪالعدم قرار ڏني وئي ته معيار ڪِري پوندو. آرٽيڪل 184 ٿري جو اختيار عوامي معاملن ۾ هوندو آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته موجودا ڪيس جي حقيقتون مختلف آهن، مُلڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي جي سربراهه نيب ترميمن کي چئلينج ڪيو آهي. مُلڪ ۾ سخت سياسي ڇڪتاڻ ۽ بحران آهي، پي ٽي آءِ پهريان پارليامينٽ ڇڏڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، خبر ناهي ته وري ڇو پارليامينٽ ۾ واپس ورڻ جو به فيصلو ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته درخواست گذار عمران خان ڪو عام شهري نه آهي، حڪومت ڇڏڻ کانپوءِ به عمران خان کي عوام جي وڏي حمايت حاصل رهي، عدالت به قانونسازي ۾ مداخلت نٿي ڪرڻ چاهي. عدالت پاڻمرادو نوٽيس ناهي ورتو پر نيب ترميمن خلاف درخواست آئي آهي، عدالت ان کان اڳ به هڪ ڀيرو پنهنجي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪري چڪي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ئي وزيراعظم آيو هو جنهن کي سڀ کان وڌيڪ ديانتدار سمجهيو ويندو هو. هڪ ديانتدار وزيراعظم جي حڪومت 58 ٽو بي تحت ختم ڪئي وئي. آرٽيڪل 58 ٽو بي ڊريڪونين قانون هو، عدالت 1993 ۾ قرار ڏنو ته حڪومت غلط طريقي سان ختم ڪئي وئي پر هاڻي چونڊون ئي ڪرايون وڃن. سرڪاري وڪيل مخدوم علي خان چيو ته ڪڏهن ناهي ٿيو ته سياسي بازي هارائڻ کانپوءِ ڪير پارليامينٽ مان نڪري عدالت ۾ آيو هجي. اهڙي طرح سياست کي عدليا ۾ ۽ عدليا کي سياست ۾ گهيليو پيو وڃي، چونڊن کان اڳ قانون ۾ وضاحت ضروري آهي، مُلڪ ۾ چونڊن لاءِ هر ڪنهن کي وڌيڪ سيٽن تي چونڊ وڙهڻ جو حق حاصل آهي. جڏهن ته ڀارت ۾ هڪ شخص کي هڪ ئي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت آهي، هڪ کان وڌيڪ سيٽن تان چونڊ وڙهڻ سان ڪاميابي يا ناڪامي جي صورت ۾ عوامي پئسو ضايع ٿيندو آهي. چيف جسٽس چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪ کان وڌيڪ سيٽن تان چونڊ وڙهيو هو، هن بنا مقابلي سيٽ کٽي ته باقي چونڊون معمول موجود ٿيون هيون. مخدوم علي خان چيو ته اِهو 1970ع کان پهريان معاملو هو، عوام ڀٽو جي بنا مقابلي ڪاميابي جي وڏي قيمت ضياءَ جي يارنهن سالا آمريت جي صورت ۾ ادا ڪئي، هڪ عدالت جهموريت نه بچائي سگهي. چيف جسٽس چيو ته سياسي خال ڀرڻ عوام لاءِ ڏکيو مرحلو هوندو آهي، جڏهن سياسي بحران هوندو آهي ته عدالت کي مداخلت ڪرڻي پوندي آهي. عوام ڪرپشن کان پاڪ حڪومت چاهي ٿو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا عدالت اسيمبلي بائيڪاٽ تي ڪنهن جو حق دعويٰ رد ڪري سگهي ٿي؟ نيب ترميمون رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ڪيون ويون، ڪجهه ماڻهن لاءِ قانونسازي ڪئي وئي جن جا پنهنجا مفاد هئا. مخدوم علي خان چيو ته عمران خان ۽ سندس ڪابينا ميمبرن جا نيب جي حوالي سان بيان رڪارڊ تي آهن، عمران خان هنگامي بنيادين تي آرڊيننس آڻي نيب قانون ۾ ترميم ڪئي. چيف جسٽس چيو ته آرڊيننس عارضي قانونسازي هوندي آهي، تازيون ترميمون مستقل نوعيت جون آهن، آرڊيننس آڻڻ جو سبب اسيمبلي ۾ اڪثريت جو نه هجڻ به هوندو آهي، پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ بحث ۾ حصو نه وٺڻ جي وضاحت جو به انتظار آهي. وفاقي سرڪار جي وڪيل جو چوڻ هوته پي ٽي آءِ طرفان آرڊيننس ۾ ترميم ڪري نيب قانون آندو ويو، موجودا حڪومت عمران خان جون ڇڏيل نيب ترميمون ڪجهه ڦيرڦار سان منظور ڪيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ سال 2021ع ۾ پنج نيب آرڊيننس آندا ويا، عمران خان رڳو اقتدار وڃائڻ تي نيب ترميمون چئلينج ڪيون آهن، ڪهڙي خبر عمران خان عدالت ۾ اچي چوي ته هن نيب ترميمون پڙهيون ئي نه آهن. عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي وڌيڪ شنوائي ڏهه فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button