اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف جي آمريڪا دوري بابت افواهه بي بنياد آهن:آ ايس پي آر

راولپنڊي : پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل احمد شريف چوڌري پاڪستان جي آرمي چيف جي آمريڪا جي دوري بابت افواهه کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير 5 کان 10 فيبروري تائين برطانيا جي سرڪاري دوري تي آهي. خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جي آمريڪا جي دوري بابت افواهه بي بنياد آهن. هو 5 فيبروري کان 10 فيبروري تائين برطانيا جي دوري تي آهي. آرمي چيف پاڪ – برطانيا استحڪام ڪانفرنس جي سلسلي ۾ برطانيا جي دوري تي آهي. اها ڪانفرنس ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوج جي سطح تي سهڪار لاءِ ڇهه ماهي تقريب آهي. پاڪستان جي اعليٰ عسڪري قيادت 2016ع کان ان تقريب ۾ شرڪت ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button