اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

تيل ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون،7 لک ڏنڊ،ڪيترائي پمپ سيل

اسلام آباد:حڪومت تيل ذخيرو ڪندڙ ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز هدايتون جاري ڪيون ته جڏهن ملڪ ۾ 20 ڏينهن جو پيٽرول 29 ڏينهن جو ڊيزل موجود آهي ته هر پيٽرول پمپ تي پيٽرول ڊيزل دستياب ڇو نه آهي جنهن کانپوءِ ڪالهه ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا ۽ ذخيرو ڪندڙن تي 7 لک ڏنڊ ۽ 7 پيٽرول پمپس کي سِيل ڪيو ويو، ڇاپن ۽ معائني جا تفصيل ٻُڌائيندي هن ٻُڌايو ته 8 فيبروري تي ٻن ضلعن ۾ رات جو 12 وڳي کان اڳ مختلف علائقن ۾ 900 جي ويجهو معائنا ڪيا ويا جنهن ۾ سرگوڌا ۾ 530 هنڌن تي معائني دوران 2 لک 30 هزار رپيا ڏنڊ ڪيا ويا ۽ 6 پيٽرول پمپس سِيل ڪيا ويا. جڏهن ته فيصل آباد ۾ 437 جي لڳ ڀڳ معائني دوران 5 لک 53 هزار رپيا ڏنڊ ۽ 21 ايف آءِ آرون ڪٽيون. جڏهن ته هڪ پيٽرول پمپ کي سِيل ڪيو ويو. شيخوپور ويجهو سڀ کان وڌيڪ غير قانوني اسٽوريجز کُليل هئا اهڙيءَ طرح مختلف ويئر هائوس ۾ ذخيرو ڪرڻ ۾ ملوث هئا جن کي سِيل ڪيو ويو. هن چيو ته هي اهي جايون هيون جتي ذخيرو ڪري رهيا هئا جتان پيٽرول موجود هو پر عوام لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون پيون ويون، هاڻ ذخيره اندوزن خلاف هي ڪارروائي جاري رهندي. مصدق ملڪ گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي ٻُڌايو ته ڊيلرز ايسوسيئيشن جي سربراهه سان ڳالهه ٿي آهي جنهن ۾ هن چيو ته جيڪي ذخيرا اندوزي ڪري رهيا آهن انهن خلاف قدم کڻو ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو پيٽرول پمپن کي ڄاڻي واڻي ڊرائي آٽ ڪري رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڊيلرز ايسوسيئيشن ذخيرن ڪندڙن سان بيهڻ کان انڪار ڪيو آهي. ايسوسيئيشن هميشه ملڪي مفاد ۾ عوام ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ذخيرو ڪندڙن کان ڪالهه به درخواست ڪئي هئي اڄ به ڪري رهيو آهيان ته عوام کي تنگ نه ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ڪندڙن خلاف هاڻ ايڪشن نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڪاريون رڍون آهن جيڪي هي ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن سان عوام لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون، هاڻ انهن خلاف ڪارروائيءَ جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ قانون مطابق ڪارروائي ٿيندي. مملڪتي وزير چيو ته مختلف جاين تي پيٽرول پمپن طرفان شڪايتون آهن ته ڪمپنيون تيل نه ڏئي رهيون آهن، ڊيلرز سان ملاقات ۾ چيو ته ان جي ذمي به جيڪي پيٽرول پمپس آهن اتي پيٽرول جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. حڪومت طرفان ڪنهن کي به بي سبب تنگ نه ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻن ڏينهن کان پوءِ وري عوام آڏو حقيقتون رکندس. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته جيڪو تيل هن وقت ڊيپوز ۾ پيل آهي اهو 280 رپين ۾ نه خريد ڪيو ويو، جيڪو تيل هن وقت وِڪرو ٿي رهيو آهي اهو گذريل ٻن کان ٽن هفتن جو ذخيرو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button