اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آئي ايم ايف سان معاملا ٺهي ويا،هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر قرض ملندو

اسلام آباد : حڪومتي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ وچ ۾ 1 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي نائين قرض پروگرام لاءِ سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن وڊيو لنڪ ذريعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار جلد ئي آءِ ايم ايف سان 9 هين اقتصادي جائزي جي ڪامياب مڪمل ٿيڻ جو اعلان وڊيو پيغام ۾ ڪندو. جڏهن ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي معاهدي جو به باضابطا اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف کي جلد بورڊ جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف رويو مشن سان 9 هين اقتصادي جائزو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ منظوري ڏيندو، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي هڪ ڏهائي 10 ارب ڊالر قرض جي ايندڙ قسط جي منظوري ڏني ويندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان تي واضح ڪيو ۽ تجويز ڏني ته جيڪڏهن پاور سيڪٽر ۾ سڌارا نه ڪيا ويا ته ملڪ ٻڏي ويندو. بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي نجڪاري ڪرڻي پوندي، رڳو آئسڪو، فيسڪو ۽ ليسڪو بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن ۽ لائين لاسز گهٽ آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن ٽيم جي سربراهه ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين آمدني وڌائڻ تي اتفاق ڪيو هو. اجلاس کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف فنانس ترميمي بل جي به اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کان علاوه پاڪستان آءِ ايم ايف کي مقرر هدف پورا ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته پاڪستان ترقياتي بجيٽ ۾ 350 ارب جي گهٽتائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جڏهن ته نئين ٽيڪس جي شرح ۽ مانيٽرنگ سسٽم ۽ بئنڪن کان رپئي ۾ قرض وٺڻ ۽ واپس ڪرڻ جو نئون ميڪنزم ٺاهڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button