پاڪستانعالمي

ترڪيا ۽ شام ۾ زلزلي جا هاڃا، وڌيڪ 8 هزار لاش مليا، فوتين جو انگ 20 هزار ٿي ويو

تاريخ جي خوفناڪ زلزلي ترڪيا ۽ شام ۾ وڏا هاڃا ڪيا آهن، وڌيڪ 8 هزار ماڻهن جا لاش مليا آهن، جنهن بعد متاثر ٿيل علائقن ۾ فوتگين جو انگ 20 هزار تائين پهچي ويو، قدرتي آفت هزارين ماڻهن کي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جتي پيارن جا لاش ڏسي آهون ۽ دانهون گونجي رهيون آهن. گذريل سومر جي صبح جو آيل زلزلي سبب هيل تائين ترڪيا ۾ لڳ ڀڳ 17 هزار ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن، جنهن جي صدر رجب طيب اردگان به تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته شام ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 3 هزار کان به وڌيڪ آهي. شام جي اتر اوڀرندي صوبي ادلب لا امدادي سامان جو پهريون قافلو ترڪي کان شام ۾ داخل ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ترڪيا ۽ شام ۾ زلزلي سبب 4 ارب ڊالرن تائين نقصان پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽن مطابق زلزلي متاثر ٻنهي ملڪن ۾ ڊٿل هزارين عمارتن جي ڍير هيٺان اڃا تائين انيڪ ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ کين ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڏينهن توڙي رات ريسڪيو آپريشن جاري آهي، سخت ٿڌ ۽ ڪجهه علائقن ۾ برفباري سبب متاثر ٻيڻي آزمائش کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، ترڪيا ۾ عمارتن جي ملبي هيٺان 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، ترڪ صحت واري وزير موجب زلزلي سبب اٽڪل 32 هزار ماڻهو زخمي ٿيا آهن، متاثر علائقن ۾ 5 هزار 775 عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته شام ۾ زخمين جو انگ 8 هزار کان به وڌيڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button