پاڪستانپنجاب

چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن،آئين کان وڏي ڪا شئي ناهي: لاهور هائيڪورٽ

لاهور ها ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن جي تاريخ لاءِ داخل درخواستن تي گورنر ۽ اليڪشن ڪميشن کي اڄ جمعي تي تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته آئين کان وڏي ڪا شئي ناهي اسان کي اهو آرڊر ڏيڻو آهي جنهن تي اسان عمل ڪرائي سگهون، اليڪشن 90 ڏينهن اندر ٿيڻي آهي، اها لکيل ڳالهه آهي، اليڪشن ڪرائڻ جي تاريخ ڏيڻ جو طور طريقو ڇا هوندو، اهو اسان ڏسي وٺون ٿا، ڏسڻو اهو آهي ته جيڪڏهن اسيمبلي گورنر تحليل نه ڪئي ته ڇا اليڪشن جي تاريخ گورنر کي ڏيڻي آهي؟ اسان کي اهڙو حڪم ناهي ڪرڻو جنهن تي عمل نه ٿي سگهي ته معاملو توهين عدالت تي هليو وڃي، جيڪا سٺي روايت ناهي. پنجاب جي گورنر جي وڪيل جواب جمع ڪرائيندي چيو ته جيڪڏهن وڏي وزير جي نام نهاد ايڊوائيس تي اسيمبلي نه ٽوڙي ته اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ گورنر جي ذميواري ناهي، گورنر اليڪشن ڪميشن جي اختيار ۾ ڪائي رڪاوٽ نه وڌي آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ لاءِ پنجاب جي گورنر کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ 9 ۽ 10 اپريل جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل فنڊ دستياب نه هجڻ وارو معاملو به عدالت ۾ رکي ڇڏيو، جڏهن ته وفاقي حڪومت معاملي تي لارجر بئنچ جوڙڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. پنجاب اسيمبلي جي اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ بابت مختلف درخواستن تي هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس جواد حسن شنوائي ڪئي. جسٽس جواد حسن ريمارڪس ڏنا ته اسان کي اهو حڪم جاري ڪرڻو آهي جنهن تي عمل ٿي سگهي هن ڪيس ۾ وقت ئي سڀ کان وڏي شئي آهي، آئين اوهان سان گڏ آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ به معاملو التوا هيٺ آهي، اسان کي اهڙو حڪم ناهي ڪرڻو جنهن تي عمل نه ٿي سگهي، معاملو توهين عدالت تي هليو وڃي ٿو جيڪو سٺي روايت ناهي، آئين کان وڏي ڪا شئي نه آهي، پنجاب اسيمبلي کي گورنر نه ٽوڙيو، هاڻي معاملو اليڪشن ڪميشن جي ڪورٽ ۾ آهي، بئريسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇي وٺو ته اهو ڪڏهن جي تاريخ ڏئي رهيو آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ آئيني ذميواري آهي، عدالت کي ٻڌائڻو آهي ته آئين ۽ عدالتي فيصلا موجود آهن. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته پنجاب جي گورنر کي 9 ۽ 10 اپريل جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني، اليڪشن ڪميشن لکيل خط ۾ واضح چيو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ آئيني گهرج آهي، بئريسٽر علي ظفر مشورو ڏنو ته جيڪڏهن گورنر اليڪشن جي تاريخ نه پيو ڏي ته پوءِ ملڪ جو صدر اليڪشن جي تاريخ ڏئي سگهي ٿو، صدر ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي خط به لکي ڇڏيو آهي. جسٽس جواد حسن چيو ته اسد عمر اليڪشن ڪميشن جي خط تي اعتماد جو اظهار ڪيو، پهريون ڀيرو تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي تعريف ڪئي، جسٽس جواد حسن جي رمارڪس تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. جسٽس جواد حسن رمارڪس ڏنا ته اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي جيڪو آئين ۽ قانون مطابق آهي، الحمدالله منهنجن سڀني فيصلن تي عملدرآمد ٿي وڃي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪرائڻ لاءِ فنڊ گهرجن، اسان کي فنڊ ڪير ڏيندو؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل فنڊ مهيا نه هجڻ جو معاملو عدالت ۾ رکندي چيو ته اسان کي اليڪشن لاءِ فنڊ جاري نه پيا ڪيا وڃن، اسان چونڊون ڪرائڻ لا فنڊ گهريا آهن جيڪڏهن فنڊ نه مليا ته اليڪشن ڪيئن ٿي سگهي ٿي. بئريسٽر علي ظفر چيو ته هي ڳڻتي جوڳي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. وڪيل اظهر صديق چيو ته اليڪشن ڪميشن جي جواب مان ته لڳي ٿو ته اليڪشن ڪرائڻ ئي نه پيو چاهي. وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني ڪميشن درخواست تي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي اپيل آهي ته عدالت درخواست تي لارجر بئنچ بنائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. جسٽس جواد حسن چيو ته اوهان سڀني جا لکت ۾ جواب آڻيو، ڏسي وٺون ٿا مان شام تائين ويٺو آهيان. عدالت پنجاب جي گورنر ۽ اليڪشن ڪميشن کي تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪڏهن جمع ڪرائيندا، اسد عمر ۽ فواد چوڌري چيو ته ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ تاريخ جو اعلان نه ٿيو ته آئيني بحران پيدا ٿي ويندو. جسٽس جواد حسن چيو ته منهنجي لاءِ مسئلو ناهي، ٻه منٽ لڳندا. فواد چوڌري چيو ته عدالت کي جيڪو به ڪرڻو آهي، جمعي تي فيصلو ڪري ڇڏي ٽن ڏينهن بعد 90 ڏينهن جي اليڪشن جو وقت متاثر ٿيندو. فواد چوڌري چيو ته انهن جو مسئلو آهي ته اليڪشن ڪرائڻ ئي نٿا چاهين، جنهن تي راڻا مشهود احمد چيو ته اسان اليڪشن ڪرائڻ چاهيون ٿا پر اوهان جي مرضي تحت نه هوندي، فواد چوڌري چيو ته اسان جي مرضي جي نه ڪرايو، آئين جي مرضي تحت ڪرايو. عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ گورنر پنجاب کي اڄ جمعي تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button