پاڪستانخيبرپختونخوا

پشاور ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي ذميوار اڳوڻي صوبائي حڪومت آهي:مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پشاور ڌماڪي جا ذميوار اُهي آهن جيڪي ڏهن ورهين کان حڪومت ڪندا رهيا، خيبرپختونخوا کي وسيلن جي نه نواز شريف جي ضرورت آهي. ايبٽ آباد ۾ نواز ليگ جي تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پختونخوا کي وسلين جي نه پر نواز شريف جي ضرروت آهي، خيبرپختونخوا جي صورتحال ڄاڻڻ لاءِ سمورن ضلعن جو پاڻ دورو ڪنديس. هن چيو ته پاڪستان جا ذڪر جوڳا منصوبا نواز ليگ جي دور ۾ ٺهيا، هر ذڪر جوڳي رٿا تي نواز شريف جو نالو لکيل آهي، جيڪي ڏهن ورهين کان حڪومت ڪندا رهيا، اهي پختونخوا جي وسيلن کي بيدردي سان استعمال ڪندا رهيا، ڏهن سالن تائين صوبي جي عوام کي حق نه مليو. هن پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪو چوندو هو پشاور کي لاهور بڻائيندس اُن لاهور کي به پشاور بڻائي ڇڏيو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو ويو هڪ هزار نوڪريون ئي ڏيکاريو، چوندو هو 300 ڊيم ٺاهيندس سڄي مُلڪ کي ڊيم فول بڻائي هليو ويو. سندس چوڻ هو ته عمران خان چئن سالن تائين ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪندو رهيو، شاهه محمود قريشي ڪالهه ٽي وي تي چيو ته نواز شريف سان زيادتي ٿي، شاهه محمود کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته نواز شريف کي جن نيڪالي ڏني ان ٽولي جو سربراهه اوهان جي جماعت جو ليڊر آهي، ڪير ڪير ان سازش ۾ شامل هو قوم کي ٻڌائڻو پوندو، رڳو ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ ڪافي ناهي پنهنجي لاءِ سزا به تجويز ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي آڻيندڙن لاءِ معافي ڪافي نه آهي، جن عمران خان کي آندو اهي عمران خان لاءِ سزا به تجويز ڪن، نون ليگ کانسواءِ ٻي ڪا به جماعت ملڪ کي بحرانن مان نه ٿي ڪڍي سگهي، جيل ڀريو تحريڪ جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان پنهنجا کيسا ڀريندو رهيو، کيسا تون ڀرين ۽ جيل وري عوام ڀرين؟ هن قوم جو ڪهڙو ڏوهه هو جنهن مٿان اِهو ذهني مريض مڙهيو ويو، جيڪو ويندي ويندي مُلڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ويو، اڄ مهانگائي آءِ ايم ايف جي ڪري آهي ۽ عمران خان کي اڄ مهانگائي ياد اچي رهي آهي، هو اڄ ڪهڙي مهانگائي جو پٽڻو پٽي رهيو آهي، اڄوڪي مهانگي سندس پاليسين جو نتيجو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button