اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آ ايم ايف جا شرط،170 ارب جا ٽيڪس لڳائڻا پوندا:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :حڪومت ۽ آ ايم ايف وچ ۾ باضابطا معاهدو نه ٿي سگهيو، پاڪستان آ ايم ايف جي شرطن تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ڊيل تحت 170 ارب جا ٽيڪس لڳائڻا پوندا. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پيٽروليم ليوي جو ٽارگيٽ حاصل ٿي چڪو آهي، ڊيزل تي ليوي 40 مان وڌائي 50 رپيا ڪئي ويندي. آءِ ايف سان معاهدي تحت 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا، جنهن لاءِ مني بجيٽ آڻڻي پوندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان گڏيل طور تي سمورا معاملا طئي ڪري ورتا آهن، آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته ميمورنڊم آف اڪنامڪ اينڊ فنانشل پاليسي (ايم اي ايف پي) جا دستاويز اسان کي ڏئي وڃن. هن چيو ته معاهدو طئي ٿيڻ بعد طريقيڪار تحت آءِ ايم ايف کي تفصيل ڏيڻا پوندا آهن. آءِ ايم ايف ڳالهين کانپوءِ ايم اي ايف پي جو ڊرافٽ صبح ملي ويو آهي، هاڻي سومر تي ورچوئل ميٽنگ ٿيندي، جنهن ۾ شين کي اڳتي وڌايو ويندو. حڪومت ۽ معاشي ٽيم آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته موجودا حڪومت عمران خان جي پروگرام تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، اِهو پروگرام عمران خان جو آهي. هن جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پئڪيج ۾ 170 ارب جا ٽيڪس لڳائڻا پوندا، نون ٽيڪس لڳائڻ لاءِ مني بجيٽ آڻڻي پوندي. هاڻي ان حوالي سان آرڊيننس يا بل جا معاملا ڏسنداسين، اِهي 170 ارب رُپيا هلندڙ مالي سال ۾ پورا ڪرڻا آهن. آءِ ايم ايف سان 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ، توانائي واري شعبي ۾ گردشي قرضن کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف جائزي کانپوءِ 1 ڏهائي 2 ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي. هن چيو ته بجلي ۽ گيس سيڪٽر ۾ گردشي قرضن کي ختم ڪري، پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 40 مان وڌائي 50 رپيا ڪرڻي پوندي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 360 ارب مان وڌائي 400 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايل سيز کولڻ واري معاملي تي اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف کان 5 کان 7 ملين ڊالر ملڻ بعد سمورو ڪاروبار شروع ٿي ويندو.هن چيو ته آءِ ايم ايف ليٽر آف انٽينٽ جاري ڪندو جنهن کانپوءِ اسٽاف سطح تي معاهدو ٿيندو. معاهدي کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ 1 ارب ڊالرن جي ايندڙ قسط جي منظوري ڏيندو. پيٽروليم تي جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر پيٽروليم شين تي مڪمل طور تي پي ڊي ايل وٺنداسين. ماڻهن تي ايترو بار نٿو وجهي سگهجي. آءِ ايم ايف ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو آهي. ڊيزل ليوي ۾ 10 روپيا واڌ ڪئي ويندي، مارچ ۾ 5 رپيا ۽ اپريل ۾ 5 رپيا وڌي ويندا. اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف پيٽرول تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو چيو، جيڪو اسان قبول نه ڪيو. يقين ڏياريو آهي ته گئس جي سرڪلر قرض ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪيو ويندو. اميد آهي ته دوست ملڪن کان مدد ملندي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته سومر تي آءِ ايم ايف سان هڪ ٻي آن لائن ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو آهي. فائنل راؤنڊ ڪالهه ختم ٿي ويو. سڀ معاملا طئي ٿي ويا آهن. اسان وڏي پئماني تي ادائگيون ڪيون آهن. هڪ ملڪ کي ٻه ارب جڏهن ته هڪ ملڪ کي هڪ ارب ڊالر ڏنا ويا آهن، گذريل حڪومت آءِ ايم ايف جي معاهدي کان انحراف ڪيو. هن چيو ته گئس جي شعبي ۾ گردشي قرضن کي روڪڻو پوندو. 300 يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ سبسڊي برقرار رهندي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا جاري رهندا، حويلي بهادر شاهه ۽ بلوڪي پاور پلانٽس جي نجڪاري لاءِ دوست ملڪن سان ڳالهيون جاري آهن. پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ڪئي ويندي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، قرضن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. نااهل ماڻهو معيشت جي خرابيءَ جا ذميوار هئا. سڌارا ڏکوئيندڙ آهن پر ڪنداسين، پرڏيهي فنانسنگ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پرائيويٽائيزيشن جو ڪم به تيز ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان 170 ارب رپين جي نئين ٽيڪس قدمن تي اتفاق ٿي ويو آهي، آءِ ايم ايف ايم ايف پي کي شيئر ڪيو آهي. آءِ ايم ايف سان سڌارن ۽ معاشي بحالي لاءِ جامع هدايتن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پاور سيڪٽر ۾ خرچ 3000 ارب جڏهن ته وصولي 1800 ارب آهي. اسان کي سڌارن جي ضرورت آهي، بجلي ۽ گئس جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button