اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هلندڙ هفتي گيهه، چانور ۽ پٽاٽن سميت 29 شيون مهانگيون

اسلام آباد :شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب هلندڙ هفتي گيهه، ڪڪڙ، چانور ۽ پٽاٽن سميت 29 عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿيون آهن. شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 17 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران پٽاٽا ٻه رُپيا 91 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا. جڏهن ته جيئري ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 26 رُپيا 94 پئسا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. باسمتي چانور ڇهه رُپيا ٽيهه پئسا في ڪلو، ڪيلا في ڊزن اٺ رُپيا ٻياسي پئسا ۽ ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 103 رُپيا 87 پئسا مهانگو ٿيو. ان کانسواءِ اڍائي ڪلو وارو گيهه جو دٻو 35 رُپيا 68 پئسا، ماش جي دال 9 رُپيا 62 پئسا، ٿوم نوَ رُپيا 87 پئسا في ڪلو، مڱن جي دال ڇهه رُپيا 4 پئسا، چڻن جي دال چار رُپيا 77 پئسا مهري جي دال ٽي رُپيا 39 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي بصر 24 رُپيا 27 پئسا، ٽماٽا ٽي رُپيا ست پئسا في ڪلو سستا ٿيا. جڏهن ته آنن جي في ڊزن اگهه ۾ ڏهه رُپيا 21 پئسا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران سترنهن عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button