پاڪستانشوبز

نفيس جذبن جو شاعر امجد اسلام امجد موڪلائي ويو

ناليوارو شاعر، اديب ۽ ڊراما نگار امجد اسلام امجد دل جو دورو پوڻ ڪري 78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. امجد اسلام امجد جي گهرڀاتين سندس وفات جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته امجد اسلام امجد رات جو ننڊ ۾ ئي گذاري ويو، جڏهن صبح جو کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پساهه پورا ڪري چڪو هو. امجد اسلام امجد 4 آگسٽ 1944ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو، هن 1967ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ايم اي اردو ۾ پاس ڪئي ۽ 1968 کان 1975ع تائين ايم اي او ڪاليج لاهور ۾ اردو جو استاد رهيو ۽ آگسٽ 1975ع ۾ پنجاب آرٽس ڪائونسل جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. نوي جي ڏهاڪي ۾ امجد اسلام امجد جون خدمتون ٻيهر تعليم کاتي جي سپرد ڪيون ويون ۽ هو ٻيهر ايم اي او ڪاليج ۾ ئي درس تدريس جي شعبي سان سلهاڙجي ويو. امجد اسلام امجد هڪ شاعر، ڊراما نگار جي حيثيت سان شهرت حاصل ڪئي، سندس مشهور ڊرامن ۾ “وارث”، “دن” “دهليز”، “فشار” ۽ ٻيا شامل آهن. امجد اسلام امجد جا شعري مجموعا برزخ، ساتوان در، ذرا ڦر سي ڪهنا، آنکون مين تيري سپني، اس پار، اتني خواب ڪهان رکون، سپني بات نهين ڪرتي، سحر آثار، ساحلون ڪي هوا، ڦر يون هوا، نزديڪ، شام سرائي ۽ جديد عربي نظمن جا ترجما “عڪس” جي نالي سان ڇپيا، ان کانسواءِ آفريقي شاعرن جي نظمن جي ترجمن تي ٻڌل ڪتاب “ڪالي لوگون ڪي روشن نظمين” جي نالي سان شايع ٿيو. اردو ٻولي جي هن وڏي ليکڪ کي پرائيڊ آف پرفارمنس، ستارا امتياز، 5 ڀيرا ٽيليويزن جي بهترين رائيٽر، 16 ڀيرا گريجوئيٽ ايوارڊ سميت ڪيئي ٻين اعزازن سان نوازيو ويو. نامياري شاعر جي وڇوڙي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين سياسي سماجي شخصيتن ۽ ادبي حلقن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button