بلوچستانپاڪستان

ڪوهلو ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان بم ڌماڪو، ميجر سميت 2 فوجي آفيسر شهيد

بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي بم ڌماڪي سان نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جي ميجر سميت 2 آفيسر شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪوهلو ۾ ڳجهي اطلاع تي سينيٽائزيشن آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي ڪليئرنس دوران آءِ اي ڊي ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه آفيسر ميجر جواد ۽ ڪيپٽن صغير شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته امن دشمنن کي پڪڙڻ لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس لا آپريشن جاري آهي، مُلڪ دشمن ڌريون بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري بلوچستان جو امن خراب نه ٿيون ڪري سگهن. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جا جوان امن دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. آ ايس پي آر طرفان پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڪوهلو واري علائقي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري آهي ته جيئن امن جي ويرين کي قابو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button