پاڪستانپنجاب

حڪومت وٽ پرڏيهي دورن جا پئسا آهن، باقي اليڪشن کان جواب:اسد عمر

پي ٽي آئي جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو آهي ته ٻاهرين دورن ۽ ڪابينه ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ فنڊ موجود آهن پر اليڪشن لاءِ پئسا نه آهن اها بدنيتي آهي ۽ اسان ڀڄڻ نه ڏينداسين، سموري عدالتي ڪارروائي ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اليڪشن 90 ڏينهن ۾ لازم ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سينيئر اڳواڻ فواد چوڌري ۽ ٻين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اسد عمر چيو ته پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان عدالت ۾ سمورا دليل مڪمل ٿي ويا آهن، ڪنهن وڪيل اليڪشن جي 90 ڏينهن ۾ مخالفت جي ڳالهه ناهي ڪئي. هاڻي فيصلو اهو ڪرڻو آهي ته پنجاب ۾ اليڪشن جي تاريخ ڪنهن کي ڏيڻي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ اليڪشن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ناڻي واري وزارت لکي اماڻيو آهي ته اليڪشن لاءِ پئسا نه آهن، ٻاهرين دورن ۽ ڪابينه ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ فنڊ آهن پر آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي کان بچڻ لاءِ فنڊ نه آهن، اها بدنيتي آهي، موجوده حڪومت هڪ هزار 54 ارب رپيا وڌيڪ خرچ ڪيا آهن. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته پهرين 6 مهينن ۾ مالي سال ۾ وفاق ۾ 6382 ارب رپيا خرچ ٿيا، اسان جي حڪومت جي مقابلي ۾ هن حڪومت هڪ هزار 54 ارب رپيا وڌيڪ خرچ ڪيا، هن چيو ته ٽنهي وڪيلن اتفاق ڪيو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ ڪنهن کي ڏيڻي آهي ان تي بحث ٿيو، اليڪشن ڪميشن اليڪشن جا پئسا نٿو ڏي ته دنيا ۾ ناڪاري تاثر ويندو، هن چيو ته هي سڀ ضيا الحق جي پيروي ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته اسان چئون ٿا ته ضيا جي نه پر آئين جي پيروي ڪريو. ڏسون ٿا ته جمهوريت کٽي ٿي يا نه. اليڪشن ٿيندي يا قومي تحريڪ هلندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button