سنڌ

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ مهانگائي خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان بٺوري کان سجاول تائين ريلي

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، مهانگائي ۽ ٻين مسئلن خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان ميرپور بٺوري کان سجاول تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. ميرپور بٺوري جي کورواهه اسٽاپ کان شروع ٿيندڙ ريلي سجاول شهر پهچڻ بعد مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي. احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪن ۽ شهري مامون لاڏو چوڪ کان ٿيندا پارڪ تي پهتا. جتي قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته آدمشماري وقت کان اڳ ۾ ڪرائڻ پويان سازش آهي، جنهن موجب سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ان ڪري ئي سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪيو ويو آهي ۽ هتي 6 مهينا رهندڙ ڌارين کي مڪاني آبادي ۾ ڳڻڻ جي ڳالهھ ٿي رهي آهي. اسان اهڙين سازشن کي رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته ڌارين کي واپس سندن علائقن ڏانهن موڪليو وڃي. هن چيو ته مهانگائي ٻيو وڏو عذاب آهي، جنهن سبب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي. وسيلن سان مالامال سنڌ کي هٿ وٺي غربت ۽ مهانگائي ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، جڏهن ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب معيشت تباهه ٿي وئي آهي، جنهن جو نقصان عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڊيم ٺاهڻ واريون رٿائون سنڌ خلاف هجڻ سان گڏوگڏ درياهه دشمن، ماحوليات ۽ فطرت دشمن آهن. ان موقعي تي قادر بخش زئور، مشتاق چانڊيو، سراج رسول ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button