پاڪستانعالمي

ترڪيا ۽ شام ۾ ڀيانڪ زلزلي پنجن ڏينهن اندر 23 هزار حياتيون کسي ورتيون

ترڪيا ۽ شام جي زلزلي متاثر علائقن ۾ هر ڏينهن تي درد جو نئون داستان ۽ هان ڏاريندڙ تفصيل سامهون اچي رهيا آهن، پنجن ڏينهن اندر فوت ٿي ويلن جو انگ 23 هزار ٿي ويو آهي. ترڪيا جي صدر رجب طيب اردگان پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ هيل تائين زلزلي 19 هزار 400 کان وڌيڪ حياتيون کسي ورتيون آهن، جڏهن ته 77 هزار 700 کان وڌيڪ ماڻهن زخمي ٿيا آهن، اسان جي حڪومت زلزلي متاثرن جي رهائش لا جاين جي مسواڙ ادا ڪرڻ لا مدد فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته زلزلي جي ردعمل ۾ اسان جي حڪومت طرفان کين قدم ايترا تيز نه هئا جنهن جي اميد هئي. ٻئي طرف ترڪيا جي پاڙيسري ملڪ شام ۾ تاريخ جي بدترين زلزلي جي نتيجي ۾ فوتگيون وڌي 3 هزار 377 ٿي ويون آهن. هوڏانهن عالمي بئنڪ زلزلي متاثر ملڪ ترڪي لا هڪ ڏهائي 78 ارب ڊالر امداد، جڏهن ته آمريڪا ٻنهي ملڪن (ترڪيا ۽ شام) جي متاثرن لا ساڍا 8 ڪروڙ ڊالر امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button