پاڪستانپنجاب

جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل عورت کي پوليس اهلڪار به نه بخشيو، ٻيهر لڄالٽ

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جنسي زيادتي جو نشانو بڻجڻ بعد دانهن کڻي پهتل عورت جي عزت تار تار ڪري وحشت جي حد پار ڪري ڇڏي. لاهور جي پوليس موجب جاچ انچارج ثقلين گوندل خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر عورت جي طبي معائني بعد قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر موجب جاچ انچارج جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري تي متاثر عورت کي قلعا گجر سنگهه هوٽل تي وٺي ويو ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بدران سندس ساٿين سان گڏجي عورت کي شراب پياري زيادتي ڪئي. متاثر عورت الزام لڳايو ته پهريان مون کي جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري جي بهاني گهرايو ويو، جتي پوليس آفيسر نشاندهي لا وٺي وڃي نشي واري شئي مليل شربت پياريو، بعد ۾ انچارج انويسٽيگيشن هوٽل ۾ وٺي وڃي لڄالٽ ڪندو رهيو. ٻئي طرف ڊي آ جي انويسٽيگيشن سهيل سکيرا جوابدار پوليس آفيسر ثقلين گوندل کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button