پاڪستانپنجاب

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، هائيڪورٽ حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور ها ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي حوالي سان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ بابت اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب اسيمبلي لا چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ خلاف تحريڪ انصاف ۽ شهري منير احمد طرفان داخل ڪيل درخواستن تي لا ها ڪورٽ پنهنجو محفوظ ڪيل مختصر فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن کي باضابطا اعلان ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. جسٽس جواد حسن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته عدالت تحريڪ انصاف جي درخواست منظور ڪري ٿي، اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏجي ٿو ته آئين ۾ ڏنل مدي اندر چونڊن جو اعلان ڪري. ها ڪورٽ ۾ شنوائي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم ناهي، جيستائين ڪميشن طرفان فنڊ جاري نه ڪيا ويندا تيستائين اليڪشن ڪرائڻ ممڪن ناهي، صوبائي اسيمبلي جي چونڊن لا اسان کي وفاقي حڪومت جو مڪمل سهڪار گهرجي، مخصوص حالتن ۾ قانون چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اجازت به ڏئي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ساڳئي ڏينهن تي نه ٿين ته ان سان اليڪشن جي شفافت متاثر ٿي سگهي ٿي. ان موقعي تي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان جي وڪيل بيان ڏنو ته پنهنجي اسيمبلي گورنر ناهي ٽوڙي، تنهن ڪري چونڊن جي تاريخ ڏيڻ گورنر جي ذميواري ناهي. تحريڪ انصاف جي وڪيل بئرسٽر علي ظفر موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن گورنر اليڪشن جي تاريخ نٿو ڏئي ته پو ملڪ جو صدر تاريخ مقرر ڪري سگهي ٿو، ان معاملي تي خاموشي اختيار نٿي ڪري سگهجي. شنوائي جي شروعات ۾ آءِ جي پنجاب عثمان انور موقف اختيار ڪيو ته مون کي ڪيس جي پسمنظر جي خبر ناهي، جيڪو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو هوندو ان تي عمل ڪنداسين. عدالت چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي رڳو توهان جي خاطري گهرجي. ان دوران چيف سيڪريٽري به عدالت کي خاطري ڪرائي ته عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جا پابند رهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button