پاڪستانسنڌ

منصور ٿلهو ڪتاب ۾ سچيون ڳالهيون ڪيون آهن:اسد جمال پلي

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي نامياري ليکڪ ناول نگار ۽ محقق ڊاڪٽر منصور ٿلھو جي ڪتاب “مهين جي مٽيءَ” جي مھورتي تقريب ٿي، جنھن ۾ ضلعي عمرڪوٽ جي مختلف اديبن، ليکڪن، شاعرن، ساڃاهه وندن، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اسد جمال پلي چيو ته ھن ڪتاب ۾ سچيون ڳالهيون ڪيون آھن، جيڪي اسان اڳئين ڪڏھن به ڪونه پڙھيون، اھا تمام وڏي ڳالهھ آھي. نامياري شاعر اديب طارق امام جوڻيجو ڊاڪٽر منصور ٿلھو جو مڪمل پروفائل پڙھيو، جنھن کانپوءِ مير حسن خطاب ڪندي چيو ته تاريخ ۽ فڪشن جو پاڻ ۾ گھرو لاڳاپو آھي. پروفيسر عبدالرؤوف سومرو چيو ته ڊاڪٽر منصور ٿلھو ھڪ خاموش ڪردار آھي. پونجراج ڪيسراڻي چيو ته ھن ناول جو ڊڪشن ڪمال جو آھي. پروگرام کي ڀليڪار مئنيجمنٽ ڪميٽي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي ڪيو ۽ خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر منصور ٿلھو جي ڪتاب مھين جي مٽي ۾ آيل سڀني مھمانن کي ڀليڪار چئون ٿا. جلال ڪوري خطاب ڪندي چيو ته ھي ناول جديد طريقي سان لکيو آھي. حاجي ساند چيو ته ناول جي پنھنجي صنف آھي. ان سان گڏ پروفيسر عبدالرؤوف سومرو، ليکڪ مڪيش بارٿاڻي، خالده منير ولھاري، گل منير ولھاري، خطائي ٿيٻو مقالا پڙھيا. ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ صحافي نظر سميجو، رسول بخش رحمداڻي، مدن بيراڻي، مدن ڀيل، ڪريم تبسم مڱريو، آزاد لال حسين مڱريو، هرچند ساگر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button