پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي مان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان بازياب

مسڻ وڏي: مسڻ ٿاڻي جي حد يوسي دريا خان مري جي ڳوٺ ملوڪ ٿيٻو جو نوجوان واليڏنو ٿيٻو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو هو، جيڪو سوا مهيني بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي. ان حوالي سان نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان واليڏنو ٿيٻو وجھه ملڻ تي ڌاڙيلن جي چنبي مان ڀڄي ڪري آيو آهي، اسان ڀنگ ناہي ڀريو. ٻئي طرف ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ چوٻول هلندڙ آهي ته وارثن ڀنگ ڀري نوجوان کي بازياب ڪرايو آهي. ياد رهي ته نوجوان کي اغوا ڪندڙن وارثن کان 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button