پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ڊويزن ۾ 6 لک ٻارن جي وڌيڪ داخلا ٿيڻ جي دعوى

ميرپورخاص: ٻوڏ متاثر علائقن مان لڏ پلاڻ ڪري ويندڙن ٻارن جي اسڪولن ۾ واپسي ۽ داخلا مهم جي سلسلي ۾ “پڙھندي سنڌ ته وڌندي” سنڌ جي عنوان هيٺ ميرپورخاص جي مقامي هال ۾ آر ايس يو ۽ يونيسيف جي تعاون سان سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ خاص مھمان طور يونيسف جي عملدار جنيد احمد سمون، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ديدار حسين جلباڻي، محمد اڪرم، نبي بخش گرگيز ۽ مير عطاالله ٽالپر سميت ميرپورخاص، ٿر ۽ عمرڪوٽ تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تي تعليم جي معيار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لا قدم کنيا پيا وڃن، برسات سبب ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪري ويا هئا، جنھن ڪري ڪيترائي ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، انھن ٻارن جي واپسي ۽ داخلا بابت هر هڪ ضلعي ۾ آگاهي جا پروگرام رکيا ويا آھن، برساتن کان اڳ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 40 لک ٻار اسڪولن ۾ داخل ھئا، جنھن بعد تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن، ڳوٺاڻن ۽ مختلف حلقن سان تعلق رکندڙن جي سهڪار سان هن وقت 46 لک شاگرد اسڪولن ۾ داخل ٿي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته نون استادن جي اچڻ کانپوءِ بند پيل اسڪول کوليا ويا آھن. ھنن چيو ته ھن وقت 1900 اسڪولن جون عمارتون زبون آھن، ٿر ضلعي ۾ 1153 اسڪول بند پيل ھئا، جتي نون استادن جي ڀرتي بعد ھڪ ھزار بند اسڪول کوليا ويا آهن. آخر ۾ شاگردن تعليم جي اھميت بابت ٽيبلوز پيش ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button