پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ آر او پلانٽس خراب، رهواسي پيئڻ جي پاڻي لا پريشان

چيلهار: چيلهار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن اڪليون هريار ۽ ارنرو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ غيرفعال بڻيل آر او پلانٽن جي مرمت نه ٿي سگهي، گرمي جي موسم شروع ٿيندي ئي رهواسي پيئڻ جي پاڻي جي ڍڪ لا ترسڻ لڳا آهن. ان سلسلي ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين دانهيندي چيو ته سنڌ سرڪار طرفان ڪروڙين روپين جي لاڳت سان لڳايل آر او پلانٽس مسلسل خراب پيل آهن، اسان مختلف وقتن تي لاڳاپيل کاتي سميت اسان جي چونڊيل نمائندن اڳيان مسلسل دانھون ڪيون، پر اسان جي دانهن باوجود ڪير به آر او پلانٽن جي مرمت ڪرائڻ لا تيار ناهي. گرمي شروع ٿيڻ باوجود پيئڻ جي پاڻي لا سخت پريشان آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته خراب پيل آر او پلانٽن جي جلد مرمت ڪرائي اسان جي تڪليفن جو ازالو ڪري پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button