پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ استادن جون بدليون ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ آدم رند جي مڊل اسڪول جي استادن جون بدليون ٿيڻ خلاف ڳوٺ آدم رند، بنگل رند، مرزو رند، ڪاپڙي تڙ، شادي تڙ، وسايو تڙ، رٻاسر چانڊيو، چانور، ڪيسراڙ ۽ هيرار سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري تعليم کاتي ٿر جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ارباب رند، امام بخش، ممتاز رند، خادم علي رند، فضل، الهڏنو رند ۽ ٻين چيو ته تعلقي ايجوڪيشن آفيسر نياز علي سمون ۽ پرائمري اشفاق احمد سوڍو انتقامي طور ڪيترن ئي استادن جون بدليون ڪري سالن کان بهترين نموني هلندڙ اسڪولن جو تدريسي عمل بند ڪري ٻارن سان ظلم ڪيو آهي، استادن کي ڪڍڻ سبب ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي هزارين شاگردن جي تعليم متاثر ٿي آهي. هنن چيو ته ڳوٺ آدم رند مڊل اسڪول جي استادن کي بدلي ڪري سوين شاگردن جي تعليم تباھه ڪئي پئي وڃي، هاڻ استادن جي واپسي لاءِ ٽي اي او رشوت گهري رهيو آهي. ڳوٺاڻن ۽ شاگردن تعليم واري صوبائي وزير سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي استادن کي واپس مڊل اسڪول ۾ مقرر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button