اسلام آبادپاڪستان

شوڪت خانم جي امداد مان 3 ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي:عمران جو اعتراف

اسلام آباد :پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خواجا آصف خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس ۾ اعتراف ڪيو آهي ته شوڪت خانم کي ملندڙ امدادي رقم مان سال 2008ع ۾ 3 ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي ۽ اِها رقم 2015ع ۾ شوڪت خانم کي واپس ڪئي وئي هئي. توشا خانا ۽ فارين فنڊنگ ٻئي قانوني آهن. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ عمران خان طرفان خواجا آصف خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو. ان دوران وڪيل علي شاهه گيلاني عمران خان تي جرح شروع ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين بيان ڏيندي چيو ته اِها ڳالهه صحيح آهي ته 3 ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري 2008ع ۾ ڪئي وئي هئي ۽ سيڙپڪاري ۾ ڪتب آندل رقم 2015ع شوڪت خانم کي واپس ڏني وئي هئي. عمران خان چيو ته ٽن ملين ڊالرز جي رقم ست سالن تائين ايڇ بي جي گروپ وٽ رهي جنهن جو چيف ايگزيڪٽيو امتياز حيدري آهي ۽ امتياز حيدري ان ڪميٽي جو ميمبر هو جنهن 3 ملين ڊالرز جي رقم سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ منظور ڪئي. اِها رقم هُن ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ منظور نه ڪئي هئي جڏهن ته بورڊ ميٽنگ ۾ سيڙپڪاري بابت ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جڏهن خواجا آصف ڏانهن نوٽيس اُماڻيو ته سيڙپڪاري جي رقم ان وقت تائين واپس نه آئي هئي، 16 سالن تائين امتياز حيدري شوڪت خان اسپتال جو ڊونر رهيو. مون کي خبر ناهي امتياز حيدري پي ٽي آءِ جو ڊونر به هو يا نه، مان امتيار حيدري جي ڪردار جي حوالي سان عدالت ۾ غلط بياني ناهي ڪئي. خواجا آصف جي وڪيل عمران خان تي جرح ڪندي چيو ته اوهان شيخ سليم المشاني جو نالو هرجاڻي واري نوٽيس ۾ لکيو آهي، شيخ سليم اومان ۾ رهندو آهي ۽ امتياز حيدري جو ڀائيوار آهي. ان تي عمران خان چيو ته کيس اومان جي پراجيڪٽ جي خبر ناهي، اسپتال جي بورڊ آف گورنرز منظوري ڏني، مون کي اِها به خبر ناهي تي ڪيتري سيڙپڪاري ڪئي وئي، منهنجو ان سان واسطو ناهي. هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته اومان جي پراجيڪٽ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، منهنجو مٿن يقين آهي. جڏهن ته مون کي خبر ناهي ته انڊوومنٽ فنڊ بورڊ ڪڏهن قائم ڪيو ويو هو، رڳو ايتر ڄاڻ آهي ته انڊوومنٽ فنڊ بورڊ نوي جي ڏهاڪي ۾ قائم ٿيو هو. عمران خان کان جرح دوران عدالت جو ڪمپيوٽر بند ٿي ويو، ان تي خواجا آصف جي وڪيل چيو ته خان صاحب عدالت جو ڪمپيوٽر بند ٿي ويو آهي، ڪاش اوهان هن وقت عدالت ۾ هجو ها جتي سڀ رڪارڊ ٿي رهيو هجي ها ته لکڻ جي ضرورت نه پوي ها. خواجا آصف جي وڪيل عمران خان کان سوال ڪيو ته ڇا آف شور ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري جي اوهان کي ڄاڻ آهي؟ ان تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شوڪت خانم اسپتال جي فيصلن بابت کيس ڪا ڄاڻ ناهي. شوڪت خانم اسپتال جي مالي فيصلن جي آڊٽ رپورٽ هوندي آهي. اسپتال جو بورڊ مون کان پڇي فيصلا ناهي ڪندو، مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته ٻن آف شور ڪمپنين ۾ اسپتال جو پئسو انويسٽ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button