اسلام آبادپاڪستان

عمران جا سليڪٽر گهر هليا ويا،هاڻ ڪهاڻي ختم ٿي وئي:مريم نواز

اسلام آباد :پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي 2018ع واري سليڪشن ڪميٽي ُٽٽي چڪي، سليڪٽرز گهر هليا ويا ۽ هاڻي پنهنجي ڪيل فيصلي تي پڇتائي رهيا آهن. ڪالهه اسلام آباد ۾ تنظيمي ڪنونشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان کي سلڪيٽ ڪندڙ اڄ مڃي رهيا آهن ته عمران خان جو گهر وڃڻ ضروري هو. هو مُلڪ لاءِ خطرو بڻجي چڪو هو. هن چيو ته عمران خان ڪالهه اسٽيبلشمينٽ کي چئي رهيو هو ته تاڙي لاءِ ته هٿ وڌايو آهي ٻيو هٿ نٿو ملي. هو ان لاءِ پٽڻو پٽي رهيو آهي ته کيس تاڙي لاءِ ٻيو هٿ نٿو ملي. هاڻي کيس تاڙي وڄائڻ لاءِ ٻيو هٿ نه ملندو، هاڻي اِها تاڙي نه وڄندي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته اليڪشن کان سليڪشن وارا ڊڄندا آهن، ن ليگ نه، اليڪشن کان اُهو لنوائيندو آهي جيڪو سليڪٽ ٿي آيو هو. هن چيو ته ن ليگ چونڊن جي تياري شروع ڪري چڪي آهي، مخالف بزدلن وانگر زمان پارڪ ۾ لڪي ويٺا آهن، اسان ميدان ۾ آهيون. عمران خان ڀلي جيترو ڄنگهه تي پلاسٽر چاڙهي کيس گهڙي چوري، اولاد لڪائڻ ۽ فارين فنڊنگ جو حساب ڏيڻو پوندو. مريم نواز اڳوڻي چيف جسٽس جو نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته بابا رحمتي هن قوم جو بابا زحمت بڻجي ويو آهي، اڄ گهٽي گهٽيءَ ۾ سچائي ۽ امانت جا گُل ٽڙي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button