اسلام آبادپاڪستان

شهباز گِل جي درخواست رد،فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد :اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلا م آباد جي مقامي عدالت ادارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ شهباز گِل جي بريت جي درخواست رد ڪئي. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا شهباز گِل جي درخواست رد ڪندي مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. عدالت چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ تي 27 هين فيبروري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. ياد رهي ته شهباز گِل تي ادارن جي سربراهن خلاف ڀڙڪائڻ جا ڪيئي ڪيس داخل آهن ۽ هو ضمانت تي آزادي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button